لاهور؛ وزيراعظم عمران خان جي سياسي ميڊيا بابت خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته اڄ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي صحت ڪارڊ موڪلي رهيا آهيون.
لاهور ۾ گورنر هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي به هيلٿ ڪارڊ موڪليا پيا وڃن.
شهباز گل چيو ته هاڻي ڪنهن کي به علاج لاءِ لنڊن نه وڃڻو پوندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنجاب جي هر شهري کي صحت ڪارڊ ملندو.