ڪراچي: گرين لائن جو ڀاڙو ڪيترو آهي؟ گورنر سنڌ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گرين لائين جي آغاز جي موقعي تي بس جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جو معائنو ڪيو

ڪراچي ۾ گرين لائين بس جي معائني دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته گرين لائين جون لفٽون خراب ناهن، 10 جنوري کان سمورن اسٽيشنن سان بس سروس هلندي

هن چيو ته بس جو ڀاڙو گهٽ ۾ گهٽ 15 ۽ وڌ ۾ وڌ 55 رپيا آهي ۽ گرين لائن بس ڪارڊ ماڻهن کي پريشان ڪري رهيو آهي، هن ڪارڊ کي به موبائل فون ڪارڊ وانگر چارج ڪرڻو پوندو

واضح رهي ته ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروس اڄ 25 ڊسمبر کان شروع ٿي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ بس سروس صبح 8 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين هلندي، جڏهن ته 10 جنوري کان بسن جي تعداد سميت وقت ۾ به اضافو ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔