ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ايڊمنسٽريشن سروس (ڊي ايم جي) آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرري واري ڪوٽا گهٽائڻ ۽ روٽيشن پاليسي تحت پي ايس پي آفيسرن جون خدمتون وفاق ۽ ٻين صوبن حوالي ڪرڻ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي
درخواست سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه ايڊووڪيٽ جنرل ذريعي داخل ڪرائي آهي. درخواست ۾ سنڌ پوليس جي ڊي آء جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽرين کي اسلام آباد ۽ ٻين صوبن ڏانهن بدلين کي روڪڻ جي پڻ گذارش ڪئي وئي آهي
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرري لاء ڪوٽا گهٽائڻ قانون جي خلاف آهي، سنڌ ۾ اڳي ئي سينيئر آفيسرن جي کوٽ آهي
وفاق پاران ڪوٽا گهٽائڻ سان سنڌ ۾ انتظامي معاملا هلائڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي. اهڙي صورتحال ۾ وفاق روٽيشن پاليسي جي آڙ ۾ سنڌ پوليس ۾ مقرر پي ايس پي گروپ جي ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سطح جي آفيسرن جون خدمتون واپس وٺي کين ٻين صوبن ۾ مقرر ڪرڻ به قانون جي خلاف آهي
پوليس آفيسرن جون خدمتون واپس وٺڻ سان امن امان جو قيام متاثر ٿيندو. درخواست ۾ وفاقي سرڪار پاران پي اي ايس گروپ جي آفيسرن جي ڪوٽا گهٽائڻ ۽ روٽيشن پاليسي تحت پي اي ايس ۽ پي ايس پي آفيسرن جي وفاق ۽ ٻين صوبن ڏانهن بدلين کي قانون جي خلاف قرار ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي