نسلا ٽاور معاملي ۾ قانوني نه انساني همدردي جي ضرورت آهي: سعيد غني

پشاور:سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نسلا ٽاور جي معاملي ۾ قانون جي نه انساني همدردي جي ضرورت آهي۽ تعمير واري ڪم ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڀڃڪڙي ٿي ويندي آهي ان لاء سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سرڪاري زمين تي ٺهيل گهرن کي ريگولر ڪرڻ جي اجازت ٿيڻ گهرجي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت 6 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني سوسائٽيز کي ريگيولر ڪرڻ جي لاءِ آرڊيننس آڻي رهي آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت به چاهي ٿي ته سرڪاري زمين تي ٺهندڙ گهرن کي ريگيولر ڪرڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. ڇو ته عمران خان جي بني گالا واري گهر کي به ريگولر ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪنسٽرڪشن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڀڃڪڙي ٿي ويندي آهي پر جتي متاثرين جو انگ لکن ۾ هجي ان جي گهرن کي بچائڻ گهرجي ۽ نسلا ٽاور معاملي انساني همدردي جي ضرورت آهي. سعيد غني چيو ته ڪراچي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي پر هاڻ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. 2002 کان 2018 تائين ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي اڃان به وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي. ڪراچي جا ماڻهو پيپلز پارٽي مان مطمئن آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔