حلفي بيان شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو، ڏٺو به ناهي، ليڪ ڪيئن ٿيو اها به خبر ناهي: رانا شميم

ڪراچي : گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته سندس حلفي بيان مهر بند هو، ڪنهن کي به شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو ۽ خبر ناهي ته اهو ڪيئن ليڪ ٿيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلف نامي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ راڻا شميم عدالت ۾ پيش ٿيو

ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اطهر من الله رانا شميم کي روسٽرم تي گهرايو ۽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي؟ ان تي راڻا شميم چيو ته منهنجو وڪيل ٻڌائي ته جواب داخل ڇو نه ٿي سگهيو، منهنجي ڀاءُ جو چهلم آهي، ان کانپوءِ ٻڌڻي رکو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته توهان 3 سالن کانپوءِ حلفي بيان ڏنو آهي، اخبار توهان جو حلف نامو عوام تائين پهچايو آهي

جنهن تي رانا شميم جواب ڏنو ته حلف نامو شايع ٿيڻ کانپوءِ مون سان رابطو ڪيو ويو ته  مان تصديق ڪئي، منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، مون کي ناهي خبر ته اهو ڪيئين ليڪ ٿيو، چيف جسٽس اطهر من الله رانا شميم کان پڇاڻو ڪيو ته توهان حلف نامو هنن کي نه ڏنو؟ ان تي راڻا شميم چيو ته نه مان بيان حلفي پبليڪيشن لاءِ ناهي ڏنو

جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته توهان لنڊن ۾ بيان حلفي ڪنهن مقصد لاءِ ڏنو؟ عدالت توهان کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهي آهي، پنهنجو جواب جمع ڪرايو، توهان 3 سالن کانپوءِ حلفي بيان ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو ؟ توهان عوام جو عدالت مان اعتماد کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي پنهنجي لکت ۾ جواب ڏيو

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته رانا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي ته جيڪو حلفي بيان رپورٽ ٿيو اهو ڪهڙو آهي؟ مان پهرين رپورٽ ٿيل حلف نامو ڏسي وٺان، رانا شميم جي جواب تي اٽارني جنرل چيو ته جنهن حلف نامو ڏنو ان کي ياد ناهي ته حلف نامي ۾ ڇا لکيل آهي، جيڪڏهن کيس خبر ناهي ته پوءِ اهو حلف نامو ڪنهن تيار ڪرايو؟

اٽارني جنرل جي موقف تي عدالت راڻا شميم کي اصل حلف نامي سميت لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔