عورت سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جج جيل حوالي

ڪراچي (م ڊ) عورت سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جج کي جيل موڪليو ويو آهي، لوئر دير ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ عورت سان زيادتي جي الزام ۾ سينيئر سول جج کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي جڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم تي جيل موڪليو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت سينيئر سول جج تي زيادتي جو الزام مڙهيو هو ۽ ٻڌايو هو ته جج 15 لک رپيا رشوت وٺي ڪري ڀيڻ کي نوڪري ڏيڻ جو به واعدو ڪيو هو، واقعي بعد سينيئر سول جج کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي جيل موڪليو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔