سپريم ڪورٽ جو حڪم، نيسلا ٽاور مسمار ڪرڻ جو ڪم تيزي سان جاري

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور ۽ تجوري هائٽس کي مسمار ڪرڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي نسلا ٽاور ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

عدالت چيو هو ته 4 سئو مزدور لڳايو پر نسله ٽاور کي ڪيرائي هڪم هفتي ۾ رپورٽ ڏيو، عدالتي حڪم تي نسله ٽاور کي وڏي مشينري ۽ مزدورن سان ڊاهڻ جو ڪم جاري آهي

ڪالهه بلڊرز ايسوسي ايشن جي احتجاج دوران صورتحال خراب ٿيڻ بعد نسله ٽاور جي چوڌاري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف عدالتي حڪمن جي روشنيءَ ۾ مزدورن ۽ ڳري مشينري سان گڏ تجوري هائٽس کي ڪيرايو پيو وڃي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔