سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي :سنڌ حڪومت 100 ڪلو ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي خوراڪ کاتي طرفان 100 ڪلو ڪڻڪ جي سرڪاري قيمت 4 هزار 875 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
خوراڪ کاتي چيو آهي ته سنڌ جي سڀني فلور ملز ۽ چڪين کي 4875 رپيا في 100 ڪلو گرام جي حساب سان ئي ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي.
واضح رهي ته سنڌ حڪومت اعلان ڪيو هو ته 15 آڪٽوبر کان سرڪاري طور ڪڻڪ جاري ڪرڻ شروع ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ اگهن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿيندي.
گذريل ڏينهن سعيد غني چيو هو ته پنجاب ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ جي پيداوار باوجود اتي اٽي جي کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ ڪنهن کي نظر نه پئي اچي، پنجاب ۾ جيڪو اٽو استعمال ٿيندو آهي، اهو ڪراچي ۾ استعمال ناهي ٿيندو ۽ جيڪو فائن اٽو هتي استعمال ٿي رهيو آهي، ان جي قيمت پنجاب ۾ به 70 رپين کان وڌيڪ آهي.
ان کان اڳ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته پنجاب ۾ 55 رپيا ڪلو اٽو موجود آهي پر سنڌ ۾ 74 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي، اٽي جي مهانگي فراهمي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔