ماسڪو: سائنسي ۽ طبي ٽيسٽن لاءِ هميشه جانورن خاص طور تي ڪوئن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. انهن تجربن ۾ هزارين ڪوئا استعمال ٿيندا آهن انهن مان اڪثر مري به ويندا آهن پر انهن جي ان قرباني کي ڪير به ناهي ليکيندو. هيستائين انهن ڪوئن کي رڳو استعمال ڪري ڦٽو ڪيو ويندو رهيو آهي. پر هاڻي ائين ناهي. روس ۾ ڪوئن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ انهن جو مجسمو ٺاهيو ويو آهي. روس جي شهر نوووسبرسڪ ۾ واقع انسٽيٽيوٽ آف سائٽولوجي اينڊ جينيٽڪس جي ليبارٽري جي گيٽ تي ڪوئي جو مجسمو لڳايو ويو آهي. اهو مجسمو ڪوئن جي طبي ريسرچ ۾ ڪيل تجربن ۾ ڏنل قربانين جي مڃتا طور لڳايو ويو آهي. اهو مجسمو 8 فوٽ ڊگهو آهي جنهن کي چشمو به پارايو ويو آهي.