لندن: برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر ناز شاهه پاڪستان کي ڪورونا جي ريڊ لسٽ ۾ برقرار رکڻ تي برطاني حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
هڪ بيان ۾ ناز شاهه چيو آهي ته حڪومت پهريون ڀارت کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ واري فيصلي ۾ به دير ڪئي.جنهن ڪري برطانيا کي ڊيلٽا ويريئينٽ سان منهن ڏيڻو پيو.
هن چيو ته ڪورونا جي ڦهلجڻ جي شرح گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان کي مسلسل ريڊ لسٽ ۾ رکيو پيو وڃي، حڪومت جو اهو فيصلو سياسي بنيادن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائنسي اصولن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته برطانيا ڪورونا جي ڊيلٽا ويريئينٽ جي ڳڙهه ڀارت کي ڪورونا جي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان ان فهرست ۾ برقرار رکيو ويو آهي ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ ڀارت جي ڀيٽ ۾ ڪورونا جا ڪيس گهڻي حد تائين گهٽ آهن.
برطانوي اعلان موجب پاڪستان کان ايندڙن کي هوٽل ۾ قرنطينه ڪرڻو پوندو ۽ 12 آگسٽ کان ريڊ لسٽ ۾ شامل ملڪن مان ايندڙ ماڻهن کان قرنطينه جي زمري ۾ وڌيڪ رقم ورتي ويندي.
نئين حڪم نامي کانپوءِ هڪ بالغ شخص جي قرنطينه جا خرچ 1750 کان وڌي 2285 پائونڊ ٿي ويندا جڏهن ته ٻئي بالغ شخص جي لاءِ 1430 پائونڊ ادا ڪرڻا پوندا.
پچھلی پوسٹ