پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو نيب هٿان گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي : پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو نيب هٿان گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، نثار کهڙو طرفان عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل، نيب سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ساڪينڊل جي چوٿين انڪوائري ۾ نثار کهڙو کي طلب ڪيو هو، نيب جو چوڻ آهي ته نثار کهڙو خوراڪ واري وزير جي حيثيت سان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، هُن ضابطن جي اُبتڙ گهوٽڪي جي فلور ملز کي سرڪاري ڪڻڪ ڏني هئي، نيب طرفان نثار کهڙو کي 8 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئ وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔