ڪراچي ۾ مني لانڊرنگ خلاف وڏي پئماني تي جاچ جو فيصلو

ڪراچي : ڪراچي ۾ مني لانڊرنگ خلاف وڏي پئماني تي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) طرفان پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪئي وڃي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ڪيسن جي تفصيلن کان پرفارمي ذريعي آگاهه ڪيو ويندو، جن ۾ جوابدار جو نالو، ڪيس جي موجوده صورتحال ۽ مني لانڊرنگ جا ثبوت شامل ڪيا ويندا.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب ڪيسن جي منتقلي جو مقصد مني لانڊرنگ جي چڱي ريت جاچ ڪرڻ آهي، ڇو ته سي ٽي ڊي ۾ مني لانڊرنگ جي جاچ ايف آءِ جيان نٿي ٿي سگهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي طرفان ڪيترائي گرفتار دهشتگرد مني لانڊرنگ ۾ ملوث نڪتا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔