اسلام آباد ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج طلب، 2هوٽل سيل، هڪ لک روپيا ڏنڊ

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ پاڪ فوج جا جوان  حرڪت ۾ اچي ويا. ٻه هوٽلون سيل، جڏهن ته هڪ روپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

رپورٽ موجب اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس ۽ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ واپاري مرڪزن جو دورو ڪيو. ان دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ۽ سزائون به ڏنيون ويون. ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج کي پوليس ۽ رينجرز جي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس  وگهي 157 مريض فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 16 هزار 999 ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 7 لک 90 هزار 16 ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔