بنگلاديش ۾ پوليس جي مظاهرين تي فائرنگ، پنج ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي پوليس جي فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڏکڻ، اوڀر بنگلاديش ۾ پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ تي چيني پاور پلانٽ جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن تي پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس چيف موجب 2000 جي ويجهو مظاهرين احتجاج دوران پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا.جنهن کان پوءِ مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ فائرنگ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔