ننگرهار ۾ هٿياربندن جي مسجد ۾ فائرنگ، اٺ ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان صوبي ننگرهار ۾ هٿياربندن مسجد ۾ فائرنگ ڪري هڪ ئي خاندان جي 8 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.افغان ميڊيا موجب جلال آباد ۾ مسجد جي اندر نامعلوم هٿياربندن گهڙي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي انگ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب مارجي ويلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جن ۾ 5 سڳا ڀائر ۽ 3 سئوٽ شامل آهن. جڏهن ته فائرنگ جو واقعو پراڻي دشمني جو تڪرار آهي.ٻئي طرف افغان پوليس ذريعن جو چوڻ اهي ته فائرنگ جو واقعو زمين جي ملڪيت بابت تڪرار تان پيش آيو پر واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔