آرمي چيف جو فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي ۾ فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر فوجي فائونڊيشن وقار احمد ملڪ استقبال ڪيو.

 آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي فوجي فائونڊيشن جي جاري ۽ مستقبل جي منصوبن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف معياري خدمتن جي لاءِ فوجي فائونڊيشن جي عزم ۽ ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي فائونڊيشن کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو .

آرمي چيف 100 بيڊز تي ٻڌل اسپتال ۽ فائونڊيشن يونيورسٽي انسٽي ٽيوٽ اسڪول آف نرسنگ جو افتتاح ڪيو.

فوجي فائونڊيشن 1954 ع کان لاڳيتو قومي خدمت ۾ مصروف آهي۽ فوجي فائونڊيشن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي .

فوجي فائونڊيشن ٽيڪس ،ڊيوٽي ۽ ليويز جي مد ۾ 175 ارب رپيا ادا ڪيا ،فوجي فائونڊيشن مان اڄ لکين سويلين ماڻهو به فائدو وٺي رهيا آهن ، فوجي فائونڊيشن جا 71 سيڪڙو ملازم سويلين ۽ 29 سيڪڙو ريٽائر فوجي آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔