وزيراعظم عمران خان زيتون جي ٻوٽي سان وڻڪاري مهم شروع ڪري ڇڏي

پشاور: وزيراعظم عمران خان خيبرپختون خواهه ۾ زيتون جي ٻوٽي سان وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي.

وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي نوشهره جي دوري دوران زيتون لڳائي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي ،ان موقعي تي ساڻس ڪي پي جو وڏو وزير ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا .وڻ جي مهم 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جو حصو هوندي ، پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ موزون جاين تي زيتون جي وڻڪاري ڪئي ويندي .

ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميواري عوام کي غذائي جنسن جي فراهمي هوندي آهي ، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو چيلينج غذائي قلت جو آهي .

هن چيو ته گذريل سال اسان 30 لک ٽن جڏهن ته هاڻوڪي سال 40 لک ٽن غذائي جنسون ٻاهران گهرايون ، اسان جي درآمد ۽ برآمد ۾ وڏو فرق آهي ، جڏهن حڪومت ملي ته پاڪستان جو مالياتي خسارو تاريخي هو اسان جي حڪومت کان اڳ ۾ اسان 60 ارب ڊالر جي درآمدات ڪنداهئاسين .

وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي تمام وڏو چيلينج بڻجي وئي آهي ، پاڪستان دنيا ۾ انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تغيرات جي اثرن جو وڏو شڪار آهي ، 10 ارب وڻ لڳائڻ جو مقصد ايندڙ نسلن جي حفاظت آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔