پنجاب حڪومت جو بلدياتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ تي حملو آهي: قاضي فائز

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته پنجاب حڪومت جو بلدياتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ تي حملو آهي.

پنجاب لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس آڻڻ تي سپريم ڪورٽ ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت اقتدار جي نشي ۾ پنجاب کي ملڪ  کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿي. لڳي ٿو ته پنجاب ۾ مشرقي پاڪستان وارو سانحو ورجائڻ جو منصوبو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي جمهوريت سان متفر ڪيو پيو وڃي.

ڇا جمهوريت سان متفر ٿي آمريت جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو ته پنجاب حڪومت کي عوام مان سخت نفرت آهي.  فوج ۾ آرڊيننس جو مطلب هٿيار هوندو آهي. آئين سان کيڏيو پيو وڃي. سمورو ملڪ برباد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڇا قانون جي ڀڃڪڙي تي  حڪومت کي قائم رهڻ گهرجي؟ ملڪ پنجاب حڪومت جو نه اسان جو آهي. جمهوريت بلدياتي  ادارن سان وڌندي آهي. هن جو چوڻ هو ته سادن لفظن ۾ پنجاب حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ئي نٿي چاهي.

هن پڇاڻو ڪيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڪيترا ميمبر آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ٻڌايو ته 374 ميمبرن تي ٻڌل پنجاب اسيمبلي آهي. قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا پنجاب جو گورنر ان 374 ميمبرن کان وڌيڪ اهل آهي. جج پڇاڻو ڪيو ته ڪير آهي. پنجاب جو گورنر، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ٻڌايو ته پنجاب جي گورنر جو نالو چوڌري محمد سرور آهي.  جسٽس چيو ته ڇا گورنر پنجاب وائسرائي آهي. ڇا پنجاب جو گورنر عوام جو نمائندو آهي يا صدر جو چونڊ ڪيل. ڇا اسان ٻيهر برطانوي راج ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.  هڪ ماڻهو جي خواهش تي پوري پنجاب اسيمبلي کي باءِ پاس ڪيو ويو. 

پنجاب جو گورنر پاڪستاني آهي يا ٻاهران گهرايو ويو آهي. قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پنجاب جي گورنر کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو ڪوبه سياسي بيان  نٿو ڏئي سگهي. پنجاب جو گورنر سياسي سرگرمي به  نٿو ڪري سگهي. پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن جي تابع آهي. اليڪشن ڪميشن وٽ اهي ئي اختيار آهن جيڪي سپريم ڪورٽ وٽ آهن. ڇا پنجاب جي گورنر کي پرڏيهه مان ان ڪري گهرايو ويو ته هو جمهوريت تباهه ڪري. پنجاب جي گورنر کي چئو ته هو پاڪستان جو آئين پڙهي وٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔