ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسٽرز ڪراچي پريس ڪلب تي ڌرڻو هنيو .
احتجاج ڪندڙ استادن نوڪرين پڪين ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جواعلان ڪيو آهي .
گذريل ڏينهن سڄي صوبي جا آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسٽر وڏي انگ ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو جمع ٿيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا .
ان موقعي تي استادن جو چوڻ ه وته اسان کي نوڪرين مان جبري طور تي برطرف ڪيو ويو آهي ، نوڪريون پڪيون ڪرڻ لاءِ ٻيهر امتحان جي شرط لاڳو ڪئي وئي آهي .
استادن جو چوڻ هو ته اسان 4 سال تسلي بخش ڪارڪردگي ڏيکاري پر تعليم کاتي سنڌ 937 آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل نه ڪيو .
ان کان اڳ ۾ 2019 ۾ احتجاج ڪيو ، جنهن تي سنڌ حڪومت مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ هڪ ڪاميٽِي جوڙي ، پر ان جي باوجود مسئلو حل نه ٿيو.