ٽنڊوڄام ۾ ٻن اسڪولن جي پنجن استادن ۾ ڪورونا جي تصديق، گهرن ۾ آئيسوليٽ

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ۾ ٻن اسڪولن جي پنجن استادن ۾ ڪورونا جي تصديق، گهرن ۾ آئيسوليٽ، اسڪول بند.
خبر موجب صحت کاتي پاران ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊوڄام جي ٽن اسڪولن جي 43 استادن ۽ ٻئي عملي جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون هيون. جن مان گورنمينٽ لوئر سيڪينڊري اسڪول ٽائون جي ٽن استادن ۽ خانگي اسڪول جي ٻن استادن ۾ ڪورونا جي تصديق ڪئي ويئي آهي.
ڪورونا جي تصديق ٿيلن پنجن ئي استادن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انتظاميه پاران ٻنهي اسڪولن ۾ هلندڙ ڪلاس جي موڪل ڪرائي اسڪول بند ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔