اسين اسيمبليون ڇڏينداسين ته دمادم مست قلندر ٿيندو: خواجا سعد رفيق

لاهور: مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان اسيمبلين کي ڇڏينداسين ته دمادم مست قلندر ٿيندو. لاهور جي علائقي لوهاري گيٽ ۾ ريلي کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته 13 ڊسمبر تي سمورن قافلن جو رخ مينار پاڪستان ڏانهن هوندو. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ملڪ جي خاطر سڀ ڪم ڪيا پر اسان کي غدار تائين چيو ويو، ڇا سمورا وزير اعظم غدار هئا؟ ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ڇڏيو اسان اسيمبلين ۾ نه ويهنداسين ۽ جڏهن اسان اسيمبليون ڇڏينداسين ته دمادم مست قلندر ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔