حفيظ شيخ وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: ڊاڪٽر حفيظ شيخ وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. حفيظ شيخ جي حلف برداري جي سادي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ ملڪ جي صدر عارف علوي هن کان وفاقي وزير جي عهدي جو حلف ورتو. حفيظ شيخ ناڻي واري صلاحڪار جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هاڻ هن کي وفاقي وزير جو درجو ڏنو ويو آهي. صلاحڪار ۽ خاص مددگارن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي به وزير بڻائڻ جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔