شهدادپور پوليس تي پيرسن جو قتل ثابت، 3 اهلڪار نوڪرين تان برطرف

ڪراچي: شهدادپور پوليس تي پيرسن کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو، وڏي وزير جِي انسپيڪشن ٽيم ٽن اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. 2019 ع ۾شهدادپور پوليس ڳوٺ بچل باگراڻي تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيل پيرسن پيار علي پيراڻي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو. پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن کي ڄامشوري جي لمس اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن دم ڏئي ڇڏيو هو. وڏي وزير جِي انسپيڪشن ٽيم واقعي جي جاچ مڪمل ڪري انڪوائري رپورٽ آءِ جِي سنڌ ۽ گھروکاتي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم تشدد ۾ملوث سب انسپيڪٽر سميت ٽن اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ايس پي ۽ اَي ايس پي سميت چئن آفيسرن خلاف حقيقتون لڪائڻ جَي الزام ۾ ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪرڻ جِي به سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي سانگهڙ واقعي جِي جاچ ڪرائڻ بدران ملوث اهلڪارن جِي مدد ڪئي، کيس اَڻڌُريو رهڻ گهرجي ها. واضح رهي ته واقعي ۾ مک جوابدار قرار ڏنل سب انسپيڪٽر نور محمد چانڊيو 2 مهينا اڳ فوت ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔