بني گالا ۾ لڪل ڪورونا کي ڀڄائي ساهه کڻنداسين: راڻا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته توهان ڪورونا وائرس سميت جتي مرضي لڪي وڃو، اسان بني گالا ۾ لڪل ڪورونا کي ڀڄائي پوءِ ساهه کڻنداسين. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته منهنجي خلاف بيان ڏيارڻ جي لاءِ ماڻهن کي پڪڙيو ويو پر هنن چيو ته راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪي به ثبوت ناهن، انهن سمورن ماڻهن پڇا ڳاڇا ۾ منهنجي حق جي ڳالهه ڪئي.ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ارشد ملڪ صاحب فوت ٿي چڪو آهي، هاڻ هن جي حوالي سان ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، هي ماڻهو ارشد جهڙا جج تيار ڪندا آهن، اسپيشل ڪورٽس مان ڪنهن کي به انصاف نٿو ملي سگهي، هي ماڻهو سڄي دنيا ۾ منهنجي هڪ رپيو ماليت جي جائيداد به سامهون نه آڻي سگهيا، منهنجو ته قوم اسيمبلي جو اڪائونٽ تائين منجمند ڪيو ويو آهي. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته 13 ڊسمبر تي انشاءَ الله لاهور ۾ جلسو ضرور ٿيندو، توهان ڪورونا سميت جتي مرضي لِڪو، توهان کي جيل موڪلي ساهه کڻنداسين، اسان بني گالا ۾ لڪل ڪورونا کي ڀڄائي پوءِ ئي سک جو ساهه کڻنداسين. سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي فيصلي تي اسيمبلين مان استعيفيٰ جي آپشن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اهڙو ڪورونا آهي جيڪو جلس کان پهرين ايندو آهي ۽ بعد ۾ ڀڄي ويندو آهي، گجرانوالا ۽ ملتان جا جلسا ٿي ويا ته ڪورونا اُتان ڀڄي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔