لاهور: نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ اڳوڻي جج ارشد ملڪ پنهنجي برطرفي کي عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ اڳوڻي جج ارشد ملڪ پنهنجي برطرفي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ڏيندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو ته برطرفي ڪرڻ واري فيصلي ۾ قائدا ۽ ضابطا پورا ناهن ڪيا ويا.
ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ وڊيو اسڪينڊل ۾ جج ارشد ملڪ کي برطرف ڪري ڇڏيو هو. ان جي برطرفي جي منظوري لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي ڏني هئي جڏهن ته رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ 6 آگسٽ تي جج ارشد ملڪ جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.