ڀارت دهشتگردن جو سهولتڪار ۽ مني لانڊر نڪتو

پيرس: فنانشل ڪرائمز انفورسمنٽ نيٽ ورڪ ( ايف سي اي اين ) ڀارت کي دهشتگردن جو سهولتڪار ۽ مني لانڊر قرار ڏئي ڇڏيو .

ايف سي اي اين جي جاري ڪيل رپورٽ موجب ڀارت جون 44 بينڪون مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن ، انهن بينڪن ۾ پيسو ڪٿان ويو ، اهو ڪنهن استعمال ڪيو ان جي باري ۾ سوال پيدا ٿي ويا آهن .

رپورٽ موجب ڀارت جي پنجاب نيشنل بينڪ ، ڪوٽڪ مهاندرا ، ايچ ڊي ايف سي بينڪ ، ڪناره بينڪ ، انڊس لينڊ بينڪ،  بينڪ آف بروڊا مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن.

فنانشنل ڪرائمز انفورسمنٽ نيٽ ورڪ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ڀارتي بينڪن  3201 غير قانوني ٽرانزيڪشن وسيلي 1.53 بلين ڊالرز مني لانڊرنگ ڪئي آهي .

انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) ۾ به مني لانڊرنگ ڪئي پئي وڃي . ڀارتي نوادرات جا سمگلر به ان ڪم ۾ ملوث آهن ۽ هيري ۾ مني لانڊرنگ ڪئي وئي .

هاڻوڪي يواين رپورٽ ۾ ڪيرالا ۽ آسام ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔