دنيا کي ڀارتي ظلم ڏيکارڻ واري ڪشميري عورت صحافي کي ايوارڊ سان نوازيو ويو

ڪراچي: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن کي سڄي دنيا آڏو وائکو ڪرڻ واري ڪشمير جي بهادرعورت صحافي مسرت زهرا کي اعلٰي ترين صحافتي ايوارڊ پيٽر ميڪلر سان نوازيو ويو .

خيال رهي ته پيٽر ميڪلر ايوارڊ جو قيام 2008 ۾ آندو ويو هو ۽ مسرت زهرا سميت اهو ايوارڊ سڄي دنيا جي رڳو  12 صحافين کي ڏنو ويو آهي .

گذريل مهيني آگسٽ ۾ ڪشمير وادي جي بهادر فوٽو جرنلسٽ مسرت زهرا کي صحافين جي عالمي تنظيم رپورٽر ود آئوٽ بارڊرز ۽ فرانسيسي خابرو ايجنسي فرانس پريس (اي ايف پي )  جي سهڪار سان هلندڙ تنظيم  گلوبل ميڊيا فورم ٽريننگ گروپ ( جي ايم ايف ٽِي جي ) ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو .

عالمي تنظيم پيٽر ميڪلر ايوارڊ هرسال نمايان مسئلن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي ڏيندي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔