ڪراچي ۾ سيوريج ۽ گندڪچري جو وڏو مسئلو آهي، جلد حل ڪنداسين : وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : ڪراچي ۾ سيوريج ۽ گندڪچري جو وڏو مسئلو آهي، اهو مسئلو جلد حل ڪنداسين: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪياماڙي کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا، سموري سنڌ جا به مسئلا گڏجي حل ڪيا ويندا، منهوڙو روڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته ڪياماڙي ۾ پهريون ايوينٽ ٿيڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، ڪراچي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ پاڪ نيوي غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام جي تڪليفن کان واقف آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔