سردارن ۽ جاگيردارن مان حياتي کي خطرو آهي خاموش نه ويهي رهنديس: امِ رباب

ڪراچي: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري آهي، مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري آهن، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته پوليس ئي شروعات ۾ منهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ بد ديانتي ڪئي، پوليس سردار احمد چانڊيو ۽ برهان کي بي ڏوهي قرار ڏئي ناانصافي ڪئي آهي، مان اڪيلي پنهنجي 3گهر ڀاتين جي قتل ۾ انصاف لاءِ سردارن ۽ جاگيردارن خلاف قانوني ويڙهه وڙهي رهي آهيان ، سردارن ۽ جاگيردارن مان حياتي کي خطرو آهي پر خاموش نه ويهي رهنديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔