شهباز شريف ۽ سلمان شهباز جون شڪي ٽرانزيڪشن سامهون اچي ويون

اسلام آباد:پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي فنانشل مانٽيرنگ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيل شڪي ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ سامهون اچي ويو. رپورٽ موجب اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پنج شڪي ٽرانزيڪشن ڪيون جنهن جو رڪارڊ اسٽيٽ بينڪ وٽ به نه هو.

شهباز شريف شريف جون آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ  انڪوائريون نيب لاهور کي مليون جنهن کان پوءِ. فنانشنل مانيٽرنگ رپورٽون سامهون اچي ويون. نيب رپورٽن موجب اڳوڻي وڏي وزير طرفان خانگي بينڪ  مسلم ٽائون برانچ ۾ پنج شڪي ٽرانزيڪشن ڪيون. جن ۾ ان جي ننڍي پٽ سلمان شهباز شريف جو نالو  به موجود آهي.

دستاويزن موجب شهباز شريف طرفان 4 شڪي ٽرانزيڪيشن پهرين جنوري 2017 تي ڪيون. جڏهن ته پنجين شڪي ٽرانزيڪشن 28 اپريل 2017 ۾ ٿيون. نيب ذريعن موجب شهباز شريف ۽ ان جو پٽ سلمان شهباز ان شڪي ٽرانزيڪشن جو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو ۽ اهي سموريون ٽرانزيڪيشن ان وقت ڪيون جڏهن هو پنجاب جو وڏو وزير هو.

ٽرانزيڪشن سميت ٻيا دستاويز جڏهن سلمان شهباز کي جاچ دوران ڏيکاريا ويا ته هن ان کي مڃڻ کان نه صرف انڪار ڪيو پر چيو ته مان پنهنجي چيف فنانس آفيسر کان ان ٽرانزيڪشن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي جواب ڏيندس ۽ پوءِ هو ملڪ مان فرار  ٿي ويو ۽ نيب طرفان ڪيترائي ڀيرا طلبي جي باوجود پيش نه ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔