گڏيل قومن ۾ وزيراعظم جي خطاب تي هر پاڪستاني کي فخر آهي: عاصم باجوه

اسلام آباد: پاڪ چين اقتصادي راهداري(سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي هر پاڪستان کي فخر آهي ان جي تقرير ۾ تعريف ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هو.

تفصيل موجب پاڪ چين اقتصادي راهداري(سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ وزيراعظم عمران خان جامع خطاب ڪيو جنهن تي هر پاڪستان کي فخر آهي. عاصم باجوه چيو آهي ته وزيراعظم حقيقي معنائن ۾ پاڪستان جي ترجماني ڪئي ۽ ڪشمير، فلسطين ۽ خطي ۾ امن تي ٻن لفظن ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم ڪنهن به مهم جوئي جي صورت ۾ ڀارت کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي وارننگ ڏني.

هن چيو ته وزيراعظم عوام کي غربت مان ڪڍڻ جو عهد ڪيو. ان جي تقرير ۾ تعريف ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته ڀارتي دهشٽگرد فورس جعلي مقابلن ۾ سوين بيگناهه ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري چڪي آهي.

پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جي حل تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. سيڪيورٽي ڪائونسل گذريل سال 3 ڀيرا ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم ڀارتي حڪومت کي پيغام ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت جي فسطاني حڪومت پاڪستان جي خلاف ڪابه جارحيت ڪئي ته قوم ان جو سخت جواب ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔