نيويارڪ: آمريڪي اليڪشن ۾ نائب صدر جي عهدي لاءِ ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس ڪشميرين جي حمايت ڪري ڇڏي .
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪملا هيرس جي اميدوار طور نامزدگي کانپوءِ هن چيو آهي ته ڪشميرين کي اها خاطري ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته اهي دنيا ۾ اڪيلا ناهن .
سندس چوڻ هو ته هن ڪشمير ۾ صورتحال تي نظر رکي آهي ، ضرورت پئي ته مداخلت به ڪري سگهجي ٿي .
ٻئي پاسي ڀارتي ڊيفينس ريسرچ ونگ چيو آهي ته ڪملا جا ڪشمير بابت خيال سخت آهن ، کيس محتاط رهڻ گهرجي