ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 10 جانيون ڳڙڪائي ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وڌيڪ 10 جانيون ڳڙڪائي ويو، وڌيڪ 754 ڪيسز ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 674 ٿي ويو. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو مجموعي انگ 6 هزار 139 تائين پهچي ويو آهي. رپورٽس مطابق ٻه لک 64 هزار 60 مريض صحتياب ٿي ويا. سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ لک 24 هزار 929، پنجاب ۾ 94 هزار 865 ۽ ڪي پي ۾ 34 هزار 947 تائين پهچي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق بلوچستان ۾ 12 هزار 44، اسلام آباد ۾ 15 هزار 323، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 164 ۽ گلگت ۾ 2 هزار 402 شهري ڪرونا ۾ وٺجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔