سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، ڪراچي کان ڪشمور تائين صورتحال بدترين آهي:چيف جسٽس

ڪراچي: سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، ڪراچي کان ڪشمور تائين صورتحال بدترين آهي، توهان حڪومت کي ڪيترا سال ٿي ويا آهن؟ توهان سڀ ويهي مزا وٺي رهيا آهيو، ڪراچي شهر ۾ حڪومت جي رِٽ ڪٿي آهي؟ سُپريم ڪورٽ اي جي سنڌ کان پُڇاڻو ڪيو ،چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ کي بهتر ڪير ڪندو؟ ڪراچي ۾ روڊ ناهن، بجلي ۽ پاڻي به نه آهي، ڇا ٻين ملڪن ۾ به ماڻهو اهڙن مسئلن تي سُپريم ڪورٽ ويندا آهن؟ ماڻهو ويچارا مجبور ٿي ويا آهن، هتي مافيا وٺي آهي، جنهن جو مقصد رڳو ڪمائڻ آهي، حڪومت کي خبر به نه آهي ته ڪنهن جي ملڪيت ڪنهن جي نالي تي رجسٽر ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ جيترا منصوبا شروع ڪيا ويا، سڀ ضايع ٿي ويا، ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ دادو سوڌو سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي، هڪ رُپيو به خرچ نه ٿيو ۽ سڀ پئسا ختم ٿي ويا، چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، مجموعي طور تي حڪومت قائم آهي پر ڪم نٿو ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔