سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سمورن نالن جي صفائي اين ڊي ايم اي حوالي ڪري ڇڏي

ڪراچي : سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سمورن نالن جي صفائي اين ڊي ايم اي حوالي ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ اين ڊي ايم اي کي نالن جي صفائي سوڌو حددخلين خلاف آپريشن ۽ ٻيا مسئلا ڏسڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبائي حڪومت کي اين ڊي ايم اي کي مدد مهيا ڪرڻ جو حڪم، ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي معاملي تي ٻڌڻي دوران شاهراهه فيصل تي 14 آگشت جي حوالي سان سائين بورڊ لڳائڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهي سائين بورڊز حڪومت طرفان لڳايا ويا ۽ اُنهن تي قائد اعظم جا قول لکيل آهن، ڇا قائد اعظم جا قول ٻڌائڻ جو اهو طريقو آهي، عدالت ڪشنر ڪراچي کي سمورا سائين بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔