نيب آفيس ٻاهران هنگامو :مريم نواز ان جي مڙس سميت 188 ليگي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

لاهور: نيب آفيس ٻاهران هنگامو ڪرڻ تي ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ، ان جي مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

پوليس موجب گذريل ڏينهن نيب لاهور جي آفيس ٻارهان پيش آيل واقعي تي نيب عملدارن ليگي اڳواڻن خلاف ڪيس جي درخواست ڪئي هئي جنهن تي ٿاڻي چوهنگ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو .

پوليس ٻڌايو  اهي ته ڪيس ۾ مريم نواز، سندس مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سميت رانا ثناءُالله ، پرويز رشيد ،زبيرمحمود، جاويد لطيف، دانيال عزيز ۽ پرويز ملڪ کي به ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي .

پوليس موجب ڪيس ۾ 300 اڻ ڄاتل ماڻهن سميت 188 ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ پوليس اهلڪارن تي تشدد جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔