عالمي شهرت رکندڙ ڀارتي شاعرمنوررانا پاران بابري مسجد لاءِ 5 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو اعلان

لکنئو: عالمي شهرت رکندڙ ڀارتي شاعر منور رانا وزيراعظم مودي کي لکيل هڪ خط ۾ بابري مسجد جي لاءِ پنهنجي 5 ڏهائي 5 ايڪڙ ذاتي زمين عطيو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي .

ڀارتي ميڊيا موجب اردو ادب جي موجوده دور جي ناليواري شاعرمنور رانا ڀارتي وزيراعظم مودي کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ بابري مسجد جي اڏاوت لاءِ رائي بريلي ۾ درياءَ جي ڪناري پنهنجي 5 ڏهائي 5 ايڪڙ ذاتي زمين عطيو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.

منور رانا پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته حڪومت پاران بابري مسجد جي اڏاوت لاءِ 5 ايڪڙ زمين ڌڻي پور ۾ رکي وئي آهي هاڻي اتي هڪ اسپتال جوڙي وڃي جڏهن ته بابري مسجد جي لاءِ ان جي زمين حاضر آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔