چوماسي جي موسم ۾ ٿيندڙ پنج انفيڪشن ۽ ان جو علاج

لنڊن: لنڊن جي ڊاڪٽرن پاران ڪيل تحقيق موجب ڪنهن به ٻئي موسم جي مقابلي ۾ چوماسي جي موسم ۾ وائرل انفيڪشن جي ٿيڻ جو خطرو ٻيڻو ٿي ويندو آهي.هوا ۾ نمي جو وڌيڪ مقدار بيڪٽريا ۽ انفيڪشن کي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙا ئي پنج انفيڪشن آهن جن جو چوماسي جي موسم ۾ وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي جنهن سبب انسان جلد متاثر ٿي ويندو آهي. ڊائريا: مون سون جي موسم ۾ جيڪڏهن کاڌي پيتي جي شين کي مناسب طريقي سان نه رکيو ويو ته ان ۾ جراثيم پيدا ٿيندا آهن جيڪي ڊائريا جو سبب بڻجندا آهن.ان کان بچڻ جو طريقو اهو آهي ته گهر جو پڪل کاڌو استعمال ڪيو وڃي .هيضه: هي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ انفڪيشن آهي ۽ چوماسي جي موسم ۾ هي عام ٿي ويندو آهي ان کان بچڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته جسم ۾ پاڻي جي مقدار وڌائڻ جي لاءِ بائيڊرينڊ رهو جڏهن ته صاف سٿرو کاڌو کائڻ سان هن انفيڪشن کان بچي سگهجي ٿو.ٿڌ ۽ زڪام: هن سيزن جي دوران وائرل ٿيندڙ عام بيمارين مان هڪ ٿڌ ۽ زڪام آهي هن موسم ۾ اسان سڀئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا بيمار ٿي ويندا آهيون. ان کان بچاءُ جو طريقو آهي ته ٿڌ ۽ زڪام وارن ماڻهن کان سڌو سنئون رابطو نه رکو. جيڪڏهن خاندان جي ڪنهن ماڻهو کي هي انفيڪشن ٿي به وڃي ته ان ماڻهو جو ڌار ٽوال ۽ ٿانو استعمال ڪرڻ گهرجن جڏهن ته هٿ به ڪثرت سان ڌوئڻ گهرجن.ٽائيفائيڊ: ٽائيفائيڊ بخار به هن موسم ۾ عام ٿي ويندو آهي ان کان بچڻ جو طريقو آهي ته صاف پاڻي پيتو وڃي ۽ باهر کان پاڻي تي ٻڌل ڪوبه شربت نه پيتو وڃي.ڊينگي: تيز برساتن سبب پاڻي جمع ٿي ويندو آهي جيڪو مڇرن جي لاءِ نسل وڌائڻ جو ڪم ڪندو آهي ان کان بچاءُ جو طريقو اهو آهي ته پنهنجي گهر جي ڀرپاسي ۾ ڪٿي به برسات جو پاڻي جمع نه ٿئي ان سان گڏوگڏ پوري ٻانهن وارا ڪپڙا به پاتا وڃن جنهن سان اوهان ڊينگي کان بچي سگهو ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔