ٽي وي جي مشهور اداڪاره نائله جعفري جي گهر مٿان حملو

گلگت: ٽي وي جي مشهور اداڪاره نائله جعفري جي گهر تي مبينه طور تي 2 ڄڻن حملو ڪري ڏنو.اداڪاره نائله جعفري طرفان آءِ يو ٿاڻي ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اداڪاره موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي گلگت ۾ واقع گهر تي مبينه طور تي 2 ڄڻن حملو ڪري ڏنو حملي آورن نائله جعفري جي گهر مٿان پٿراءُ ڪيو ۽ کين گهر خالي ڪرڻ جي لاءِ ڌمڪيون به ڏنيون پر نائله جعفري حملي ۾ محفوظ رهي.نائله جعفري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جوابدار مون کان زبردستي گهر خالي ڪرائڻ چاهين ٿا. اداڪاره پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته مون کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ حملو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف آءِ يو ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته نائله جعفري جي درخواست تي ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔