براؤزنگ پاڪستان
پاڪستان
ملڪ ۾ ڪورونا سبب 24 ڪلاڪن ۾ رڪارڊ 153 مريض فوت
اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌڻ لڳا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 71 هزار 666 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن دوران 153 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3 هزار 382 ٿي ويو آهي.
نيشنل!-->!-->!-->…
حڪومت کي شوگر ملز جي خلاف پريس ڪانفرنس جي ضرورت ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شوگر جاچ رپورٽ تي حڪم امتناع ۾ واڌ ڪندي شوگرملز جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله کنڊ جاچ ڪميشن جي خلاف شوگرملز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان!-->!-->!-->…
ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙ مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙ مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس.
رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ کنڊ بحران جي فرانزڪ رپورٽ ۽ ذميوار ماڻهن جي خلاف قانوني!-->!-->!-->…
وزيراعظم ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي خلاف کلي سامهون اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو
ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي خلاف کلي سامهون اچي ويو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رينجرس تي ٿيندڙ حملن جي!-->!-->!-->…
خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس بجيٽ پيش
سلام آباد :خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر مشتاق غني جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا 21-2020ع جي مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي. ڪي پي جي ناڻي واري وزير چيو ته هن بجيٽ ۾ ڪا نئين ٽيڪس نه پئي لڳائي وڃي ۽ نه ئي!-->…
وڏي وزير گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏين تي حملن جو نوٽيس ورتو
ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏين تي حملن جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب، گورنر سنڌ عمران اسماعيل جا ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ سان فون تي رابطا، گهوٽڪيءَ ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏين تي حملن جي نتيجي ۾!-->…
سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن رينجرز مٿان 3حملن ۾ 2اهلڪارن سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا
ڪراچي : سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي رينجرز مٿان ٽن حملن جي نتيجي ۾ ٻن اهلڪارن سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جو معائنو ڪرڻ لاءِ سکر کان ويندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏي کي حادثو پيش اچڻ تي هڪ اهلڪار فوت، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.!-->…
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 49 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو
ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 49 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2 هزار 894 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 65 هزار 163 ٿي ويو!-->!-->!-->…
سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس رد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ان جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ڏنل ريفرنس کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڏهه رڪني بينچ صدارتي ريفرنس بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاَضي!-->!-->!-->…
وزيراعظم عمران خان ڪورڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو
اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان ڪورڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي.
وزيراعظم عمران خان اڄ شام ڪور ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي ڪورونا صورتحال تي!-->!-->!-->…