اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ ڀارت ملوث آهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم پاڪستان، ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ ڀارت ملوث آهي، حملي جي تياري ڀارت ۾ ٿي، اسان جي سيڪيورٽي گارڊز شهادت جو رتبو ماڻي پاڪستان کي وڏي سانحي کان بچايو آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان دهشتگردن کي پئسو ڏئي ممبئي جهڙو واقعو ڪرائڻ چاهي پيو، اسان کي ڪو به شڪ ناهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو پلان ڀارت ۾ ٿيو، اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته هندستان پاڪستان ۾ اهڙي طرح جون ڪارروايون ڪرائيندو، سڄي دنيا کي خبر آهي ته اسان جي بهادر فوج اهڙن واقعن کي ناڪام بڻائيندي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس جي وڏي ڪاميابي آهي ته دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو. مون کي چيو ويو ته سنڌ ۾ ڪيترو زبردست لاڪ ڊائون ڪيو ويو توهان به ڪيو، 18 هين ترميم کانپوءِ صوبا خودمختيار آهن نه ته مان ڪڏهن به اهڙو لاڪ ڊائون نه ڪيان ها، ڇو ته اسان وٽ غربت تمام گهڻي آهي، آمريڪا ۾ ماڻهو قطارن ۾ بيهي ماني کائي رهيا آهن ته اسان پورهيتن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي ڪيئن کارايون ها. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هندستان ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته اتي ماڻهو بک وگهي روڊن رستن تي مري ويا، ڪنفيوزن اسان کي نه پر انهن کي هئي جيڪي ڪڏهن غريبن جي گهر ويا ئي ناهن، جتي هڪ گهر ۾ 8، 8 ماڻهو رهن ٿا اهي ڪيئن گذارو ڪن ٿا، هنن کي خبر ئي ناهي، سنڌ ۾ سخت لاڪ ڊائون سبب معيشت ۽ تعليم تباهه ٿي، لاڪ ڊائون جي خراب صورتحال دوران غريب خاندانن جي مدد ڪئي، پنهنجي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، پئسن وارن کي گهرن ۾ بند ڪيو وڃي ته ڪو به فرق نه پوندو، اصل ڳالهه آهي ته غريب ماڻهن، جن کي اسان 12 هزار رپيا ڏنا اهي ته خرچ ٿي ويا هوندا، هاڻي اسان سوچيو آهي ته وڌيڪ هنن جي ڪيئن مدد ڪئي وڃي. پي آءِ اي ۾ جيڪي شيون سامهون آيون آهن اهي ائين ناهن آيون، هتي مافيا جي ڪري پي آءِ اي تباهه ٿي، نه ته هي اها پي آءِ اي آهي جنهن جي دنيا ۾ مثال ڏنو ويندو هو. پي آءِ اي ۽ ريلوي کي تباهه ڪيو ويو، منافعو ڏيندڙ اسٽيل ملز کي ن ليگ ۽ پ پ واران تباهه ڪيو، اسان بند پيل اسٽيل ملز کي 34 ارب رپيا ڏنا، جنهن جي دور ۾ اسٽيل ملز کي تباهه ڪيو ويو، اهي اڄ هتي اچي رڙيون ٿا ڪن ته ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي، ادارن ۾ مافيا ويٺي آهي، شوگر اسڪينڊل ۾ ڏسون ٿا ته رڳو پئسو ڪمايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔