براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ کي وري ڳالهين جي آڇ
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جو باني ۽ سندس ساٿي ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، مان اڳ به پي ٽي…
رجب جو چنڊ نظر اچي ويو، شب معراج 16 جنوري تي ٿيندي
اسلام آباد: مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي رجب المرجب جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جڏهن ته زونل ڪميٽين جي اجلاس پنهنجي…
نورا فتحي خوفناڪ حادثي جو شڪار، اسپتال منتقل
ممبئي :بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحي ڇنڇر ڏينهن ممبئي ۾ آمريڪي ڊي جي ڊيوڊ گيٽا جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت لاءِ ويندي روڊ حادثي جو شڪار ٿي.
نورا فتحي سن برن فيسٽيول…
ڀارت کي فائنل ۾ شڪست ڏيڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي:هارون رشيد
ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر هارون رشيد چيو ته ڀارت اسان جو روايتي حريف آهي، انهن کي فائنل ۾ شڪست ڏيڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر هارون رشيد جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي محنت ۽ سٺي ڪارڪردگي جي ڪري فتح حاصل…
عمران خان ڳالهين جي تجويز ٻيهر رد ڪري ڇڏي، معافي کان سواءِ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون: حڪومت
اسلام آباد: عمران خان جي سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل تازي ترين بيان موجب محمود خان اچڪزئي طرفان ڳالهين جي اپيل کي رد ڪيو ويو آهي انهي سان گڏ ئي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات به واضح ڪيو آهي ته احتجاجي تحريڪ بابت عمران خان جي…
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز سان نوازيو ويو
راولپنڊي: چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز سان نوازيو ويو
آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز(ملٽري) هلال جرئت سعودي عرب جي سرڪاري دوري جي دوران…
پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ رڪارڊ واڌ
ڪراچي :پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مارچ 2022 کان پوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن.تازن انگن اکرن موجب، ڪُل پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 21.1 بلين ڊالر تائين پهچي ويا آهن، جن مان 15.9 بلين ڊالر اسٽيٽ بينڪ وٽ رڪارڊ ٿيل آهن.ملڪ جي…
پي آءِ اي جي نجڪاري جا انتظام مڪمل، سڀاڻي ٻوليون لڳنديون
اسلام آباد: پرائيويٽائيزيشن ڪميشن 23 ڊسمبر (اڱاري) تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي) جي نجڪاري لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، ڇاڪاڻته فوجي فرٽيلائزر ڪمپني نجڪاري جي ڊوڙ مان نڪرڻ کان پوءِ هاڻي صرف ٽي خريدار ميدان…
ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم، دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل
بيجنگ: آن لائن شارٽ وڊيو پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ کي هلائڻ وارو مواد سفارش ڪندڙ الگورٿم هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ايپ جي چيني مالڪ بائيٽ ڊانس هڪ گڏيل اداري (جوائنٽ وينچر) قائم ڪرڻ لاءِ پابند معاهدا ڪيا، جنهن تحت ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي…
ڪرسمس ۽ نئون سال، اوپن مارڪيٽ مان ڊالر غائب
ڪراچي: ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي اوپم مارڪيٽ ۾ ڊالرز جي وڏي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. اختيارين جي ڀرپور ڪوششن جي باوجود کليل مارڪيٽ ۾ ڊالرن جي شديد کوٽ برقرار آهي. ڪيترائي ڪرنسي ايڪسچينج “جيڪو خريد ڪن ٿا، صرف اهو ئي وڪڻن ٿا.” جنهن سبب…