وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: وومين ٽيم جي گهر واپسي دير جو شڪار

ڪيپ ٽائون: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏکڻ آفريڪا جي دوري تان واپسي ۾ دير ٿي وئي آهي.ذريعن موجب، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پاڪستاني وومين ٽيم جي واپسي ۾ دير ٿي آهي. ٽيم کي اڄ رات ڊربن کان دبئي تائين واپسي جو سفر شروع ڪرڻو هو، پر ڇڪتاڻ سبب وچ اوڀر ۾ پروازون معطل آهن.ذريعن موجب، ڊربن ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي رهائش کي وڌايو ويو آهي، محدود پيماني تي فلائيٽ آپريشن شروع ڪيا ويا آهن، پاڪستان وومين ٽيم جي واپسي جو سفر مڪمل فلائيٽ آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيندو.پاڪستان ٽيم جي واپسي بابت صورتحال شايد ايندڙ 2-3 ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي، پاڪستان وومين ٽيم ڏکڻ آفريڪا سان وائيٽ بال سيريز لاءِ ڊربن ۾ هئي.

تبصرے بند ہیں۔