براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
ٽي ملڪي انڊر 19 سيريز، پاڪستان فائنل ۾ پهچي ويو
لاهور : پاڪستان ٽي ملڪي انڊر 19 ون ڊي سيريز ۾ افغانستان کي 133 رنسن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو.افغانستان انڊر 19 خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي، پاڪستان 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 238 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سمير منهاس 56 ۽ عثمان خان…
ايف بي آر ڊسمبر ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪري ورتو
اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گذريل مهيني ڪنهن به سال جي ڊسمبر جي مقابلي ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو.ايف بي آر جي عملدارن ٽيڪس آمدني جي وصولي بابت بريفنگ ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي ٻڌايو ته ايف بي آر ڊسمبر ۾ ٽيڪس آمدني ۾…
آمريڪا جا وينزويلا تي فضائي حملا، زميني فوج لاهڻ جي تياري
واشنگٽن: آمريڪا وينزويلا جي راڄڌاني ڪاراڪاس ۽ ٻين ڪيترين رياستن تي فضائي حملا ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ملڪ جي اهم فوجي ٺڪاڻن ۽ دفاع واري وزارت کي به نشانو بنايو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.…
نئين سال جو پهريون سپر مون اڄ رات، چنڊ معمول کان وڏو ۽ وڌيڪ روشن نظر ايندو
اسلام آباد: نئين سال جو پهريون سُپر مون اڄ رات جو ٿيندو. پورو چنڊ آسمان تي معمول کان وڏو ۽ وڌيڪ چمڪدار نظر ايندو.
پاڪستان ۾ سپر مون جي شروعات شام 5 لڳي 51 منٽن تي ٿيندي. سپارڪو موجب سپر مون چنڊ جي مقابلي ۾ تقريبن 6 کان 7 سيڪڙو وڏو نظر…
گلگت بلتستان ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب ڪيپٽن ۽ سپاهي سميت 3 ڄڻا شهيد
راولپنڊي : گلگت بلتستان جي علائقي برزل پاس ۾ برفاني تودوخي ۾ هڪ ڪيپٽن ۽ هڪ سپاهي سميت ٽي ماڻهو شهيد ٿي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، برف هٽائڻ جي آپريشن ڪيپٽن اسمد جي نگراني ۾ ٿي رهيو هو ته 3 جنوري تي صبح جو 2 وڳي…
ايران ۾ جاري پرتشدد مظاهرا ڇهين ڏينهن ۾ داخل، تعليمي ۽ سرڪاري ادارا بند
تهران: ايران ۾ ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف عوامي مظاهرا ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا.
راڄڌاني تهران سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي. احتجاج جو اهو سلسلو دڪاندارن طرفان شروع ڪيو ويو هو جيڪي ڊالر جي…
ڪراچي: مائي ڪلاچي روڊ تي مين هول مان هٿ آيل 4 لاشن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي
ڪراچي: ڪراچي جي علائقي مائي ڪلاچي ڦاٽڪ جي ڀرسان چئن ڄڻن جا لاش ملڻ جي معاملي ۾ پوليس جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب ڊاڪس ٿاڻي جي حد مائي ڪلاچي روڊ ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان نالي مان ملندڙ 4 لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو…
صدر ۽ وزيراعظم طرفان تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد
اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فضائيه طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري پاڪستان فضائيه کي ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته…
بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي گرفتاري اغوا قرار
اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانوني عمل کان سواءِ پوليس جي گرفتاري کي اغوا قرار ڏنو آهي ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.عدالت لاهور ۽ بهاولپور مان عورتن ۽ نابالغ ٻارن جي اغوا جي ڪيس ۾ حڪم جاري ڪيو آهي. عدالت محمد وقاص،…
اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري
اسلام آباد: وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ شيڊول ٿيل مڪاني چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو مختصر اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 3 ڊسمبر ۽ 30 ڊسمبر تي ٿيندڙ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي…