غضب للحق، باجوڙ سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون پوسٽون تباهه

راولپنڊي: پاڪ فوج جو افغان طالبان ۽ فتنا الخوارج خلاف فيصلائتو جوابي ڪارروايون جاري آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج مڪمل آپريشن ڪيو ۽ باجوڙ سيڪٽر ۾ پاڪ-افغان سرحد سان ملحق افغان طالبان جي پوسٽن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج پاڪ-افغان سرحد تي افغان طالبان جي پوسٽن کي گائيڊڊ ميزائلن سان به نشانو بڻايو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن غدب للحق ان جي مقصدن جي حاصلات تائين جاري رهندو.

تبصرے بند ہیں۔