اسلام آباد: پيٽروليم سيڪريٽري چيو آهي ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه هوندي، جنهن جي ڪري اپريل ۾ پاور سيڪٽر جي گئس جي ضرورت پوري نه ٿي سگهندي.سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر منظور احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ دستيابي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پيٽروليم شين جي فراهمي متاثر ٿي آهي، پاڪستان پنهنجي پيٽروليم شين جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو وچ اوڀر مان حاصل ڪندو آهي، جڏهن ته عام حالتن ۾ عرب ملڪن مان تيل 4 کان 5 ڏينهن ۾ پاڪستان پهچي ويندو آهي، پر هن وقت جهازن جي حرڪت متاثر ٿيندي آهي. پيٽروليم سيڪريٽري موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌي 187 ڊالر ٿي وئي آهي، ۽ پيٽرول جي قيمت 74 ڊالر في بيرل کان وڌي 130 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. اجلاس دوران سينيٽر منظور احمد چيو ته قيمتن ۾ واڌ جو فائدو آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ڏنو ويو، جڏهن ته پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته قيمتن ۾ واڌ پيٽروليم جي ذخيري کي روڪڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي ۽ ان قدم سان ڪمپنين کي ڪو به فائدو نه ٿيو. قيمتن ۾ واڌ سان درآمد جاري رکڻ ۽ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي. اجلاس دوران سينيٽر هدايت الله سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته 7 مارچ کان اڳ پيٽروليم شين جي قيمت ڇا هئي ۽ ان ۾ ڪيترو اضافو ٿيو، جنهن تي اوگرا اختيارين چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ تقريبن 100 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 70 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.پيٽروليم سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 11 ڏينهن خام تيل، 21 ڏينهن ڊيزل، 27 ڏينهن پيٽرول، 9 ڏينهن ايل پي جي ۽ 14 ڏينهن جي پي-1 جا ذخيرا موجود آهن. پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته حڪومت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن لاءِ امدادي پيڪيج تي به ڪم ڪري رهي آهي.آفيسرن اجلاس کي ٻڌايو ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه هوندي، جنهن جي ڪري اپريل ۾ پاور سيڪٽر جي گئس جي ضرورت پوري نه ٿي سگهندي ۽ پاور سيڪٽر جي ضرورتن کي ٻين ذريعن کان پورو ڪيو ويندو. ايل اين جي آذربائيجاني ڪمپني کان خريد ڪري سگهجي ٿي، پر اسپاٽ خريداري 24 ڊالر تائين هوندي، جڏهن ته قطر کان گئس 9 ڊالر ۾ دستياب هوندي.
تبصرے بند ہیں۔