ايران جا آمريڪا ۽ اسرائيل تي حملا جاري، سرينڊر نه ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن \تهران: صدر ٽرمپ 31 مارچ تي شروع ٿيندڙ چين جو دورو ڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪرڻ لاءِ چين کي درخواست ڪئي آهي، ايران خلاف جنگ پئي هلي ۽ انهن حالتن ۾ مونکي ملڪ ۾ رهڻ گهرجي. چين اڃا ڪو تبصرو ناهي ڪيو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان واضح طور تي چيو آهي ته ايران ڪڏهن به آمريڪا ۽ اسرائيل جي دٻاءُ آڏو نه جهڪندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايراني صدر چيو ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ شروع نه ڪئي آهي. هن چيو ته خطي ۾ ايران خلاف آمريڪي فوجي اڏن جو استعمال بند ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان جو مقصد ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي خراب ڪرڻ آهي. ايراني صدر چيو ته هن هن مسئلي تي فرانسيسي صدر سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. مسعود پزشڪيان چيو ته جيستائين ايران خلاف صيهوني-آمريڪي جارحيت کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، خطي ۾ امن ۽ استحڪام ممڪن ناهي.هن چيو ته جيستائين يقين ڏياريو نه وڃي ته مستقبل ۾ ايراني سرزمين تي وڌيڪ حملا نه ٿيندا، جنگ ختم ڪرڻ بابت ڳالهائڻ بي معنيٰ آهي.

عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ايران جو ٻيو ڀيرو حملو

اي ايف پي موجب ايران ٻيو ڀيرو بغداد جي گرين ايريا ۾ واقع آمريڪي سفارخاني تي راڪيٽن ۽ ڊرونز سان حملو ڪيو آهي. رائٽرز عيني شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 4 راڪيٽ ءٌ 3 ڊرونز سفارخاني ڏانهن فائر ٿيا. هڪ ڊرون سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ڪريو آهي ۽ باقي ٻيا فضا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا.

گڏيل عرب امارتن تي ايراني حملا جاري

ابو ظهبي ۾ فائر ٿيل ايراني ميزائيل جڏهن دفاعي نظام فضا ۾ تباهه ڪيو ته ان جو ملبو بني ياس علائقي ۾ ڪريو جنهن سبب هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿي ويو. ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ دوران يو اي اي تي ايراني حملن ۾ هن مهل تائين 7 ڄڻا مارجي ويا آهن جن مان 3 پاڪستاني آهن.

ٻارن سان ڀريل ڪلاس روم قتل عام جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويا، ايمنسٽي

انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو دل ڏکوئيندڙ آهي ته ٻارن سان ڀريل ڪلاس روم قتل عام جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويا. جيڪڏهن اسڪول بابت ڪا به معلومات نه هئي ته اها هڪ وڏي انٽيليجنس ناڪامي هئي. تنظيم مطالبو ڪيو ته اسڪول حملي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سعودي عرب پاران 21 ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ
سعودي وزارت دفاع هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 3 ڪلاڪن ۾ اوڀارين علائقي ۾ 21 ڊرون ڪيرايا ويا ان کان اڳ جو اهي پنهنجي هدفن تي پهچي وڃن.

ايران جنگ دوران آمريڪا ۾ اسرائيل جي حمايت ۾ واضح گهٽتائي: سروي
ايران جنگ دوران، آمريڪي نشرياتي اداري اين بي سي نيوز هڪ نئون سروي ڪيو. سروي ۾ معلوم ٿيو ته 39 سيڪڙو آمريڪي اسرائيل بابت منفي راءِ رکن ٿا، جڏهن ته 32 سيڪڙو اسرائيل بابت مثبت راءِ رکن ٿا.رپورٽ موجب، اسرائيل بابت مثبت راءِ ۾ گهٽتائي جو مکيه سبب ڊيموڪريٽس ۽ لبرل ووٽرن ۾ وڌندڙ اسرائيل مخالف تنقيد آهي.

ايران ۽ آمريڪا تازن ڏينهن ۾ سڌي رابطي ۾ آهن: آمريڪي ميڊيا دعويٰ
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اراقچي ۽ وتڪوف جي وچ ۾ سڌي رابطي جو چينل ٻيهر فعال ٿي ويو آهي. اهو واضح ناهي ته اراقچي ۽ وتڪوف جي وچ ۾ پيغام ڪيترا اهم آهن. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پهريون سڌو رابطو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب، ايراني پرڏيهي وزير وتڪوف کي پيغام موڪليا جيڪي جنگ ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏين ٿا. آمريڪي خاص نمائندي وتڪوف ايراني پرڏيهي وزير کي پيغام پڻ موڪليا. وتڪوف ايراني عملدارن جو حوالو ڏنو جن دعويٰ ڪئي ته اراقچي وتڪوف جي پيغامن کي نظرانداز ڪري رهيو هو.ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته وتڪوف سان آخري رابطو جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ هو.

دبئي جي ٻنهي هوائي اڏن تي پرڏيهي اڏامن جي لينڊنگ معطل، سول ايوي ايشن
سول ايوي ايشن موجب، دبئي ايئرپورٽ ۽ المڪتوم ايئرپورٽ تي پرڏيهي پروازن جي لينڊنگ معطل ڪئي وئي آهي. فلائيٽ مانيٽرنگ ويب سائيٽ موجب، دبئي ايئر لائنز پڻ موجوده صورتحال ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن کي محدود ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ايران ۾ ڪا به اهڙي قيادت ناهي جيڪا ڳالهين جي قابل هجي: آمريڪي صدر
آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ايران جو نئون سپريم ليڊر به زنده ناهي.صدر ٽرمپ چيو ته تشدد ڪندڙ ماڻهن وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن، جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي بم هجي ها ته اهو ان کي اسان جي خلاف استعمال ڪندو، ايران پنهنجي پاڙيسرين تي ميزائل حملا ڪري رهيو آهي، ايران وچ اوڀر کي تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو.

ايران جنگ ۾ 200 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا: سينٽڪام
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي مطابق، ايران جنگ ۾ 13 فوجي مارجي ويا آهن ۽ زخمي ٿيندڙ 200 آمريڪي فوجين مان 10 سخت زخمي هئا.

ڊرون حملي کان پوءِ ابو ظهبي جي مکيه گئس پيداوار مرڪز، شاهه گئس فيلڊ ۾ باهه لڳي وئي
ابو ظهبي ميڊيا آفيس موجب، اختيارين باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. ڊرون حملي کان پوءِ شاهه گئس فيلڊ ۾ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي. واقعي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو. حملي کان پوءِ شاهه فيلڊ کي ٿيل نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ڪينيڊا ۽ يورپي ملڪن لبنان ۾ اسرائيل جي وڏي زميني حملي خلاف خبردار ڪري ڇڏيو
ڪينيڊا، فرانس، جرمني، برطانيه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيل جي هڪ وڏي زميني حملي کي روڪڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان جا تباهي ڪندڙ انساني نتيجا ٿي سگهن ٿا.

يو اي اي  حملن ۾ هڪ ٻيو پاڪستاني مارجي ويو

گڏيل عرب امارات تي حملن ۾ هڪ ٻيو پاڪستاني مارجي ويو.اماراتي اختيارين موجب، اماراتي هوائي دفاع هڪ بيلسٽڪ ميزائل حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ميزائل جا ٽڪرا ابو ظهبي جي بني ياس علائقي ۾ ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويو.گڏيل عرب امارات ۾ حملن ۾ مارجي ويلن جو ڪُل انگ 7 ٿي ويو آهي. تازين ڇڪتاڻ ۾ ٽي پاڪستاني شهري مارجي ويا آهن، هڪ پاڪستاني دبئي ۾ ۽ ٻه ابوظهبي ۾ فوت

ٿيا.

تبصرے بند ہیں۔