براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
تائيوان مان خريد ڪيل پيجرز ۾ ڌماڪيدار مادو موساد فٽ ڪيو
بيروت: لبناني سيڪورٽي عملدارن جي حوالي سان رائٽر خبر ڏني آهي ته اسرائيل جي جاسوسي ايجنسي موساد 5,000 پيجرن جي اندر ڌماڪيدار مواد رکيو هو. لبناني گروپ حزب الله طرفان ڪجهه مهينا اڳ هي پيجر تائيوان مان امپورٽ ڪيا هئا. اڱاري وارن پيجر ڌماڪن ۾!-->…
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايتي ملڻ لڳي
لاهور : پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پاران بجلي جي بلن ۾ 14 رپيا في يونٽ رليف ڏيڻ واري معاملي تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو.لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ذريعن موجب رليف رڳو سنگل فيز ميٽرن تي مليو، جڏهن ته ٿري فيز ميٽر استعمال ڪندڙ رليف کان!-->…
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
واشنگٽن: آمريڪا چيو آهي ته اسان پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪندس، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملز پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هميشه پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي مخالفت ڪئي آهي ۽ اسان انهي پاليسي تي قائم آهيون.!-->…
ننڪانه انٽرچينج ڀرسان سي ٽي ڊي سان مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
ننڪانه صاحب:ننڪانه صاحب انٽرچينج ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ننڪانه صاحب انٽرچينج ڀرسان انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي وئي.!-->!-->!-->…
سڄي ملڪ ۾ ڪالهه جش عيد ميلاد النبي ﷺ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
ڪراچي: آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو ڪالهه مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.شهر، شهر، گهٽيون، گهٽيون، مسجدون، ڊگھيون عمارتون، بازارون ۽ چوراهن سبز جهنڊن جي بهار هئي ،اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا!-->…
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
ڪراچي: سنڌ جي ثقافت واري وزير گهوٽڪي جي آرٽسٽ جي گم ٿيل پينٽنگس واري شڪايت جو نوٽيس وٺندي جانچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي چڏي آهي. ڊي جي ڪلچر ۽ ڊي جي اينٽيڪوئٽيز تي مشتمل ڪميٽي کي جانچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير جو چوڻ آهي ته!-->…
ايڪس بابت غلط بياني، پي ٽي اي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي؟
ڪراچي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بندش بابت ڪيس ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس بند ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اي طرفان گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ واري بيان تي نظرثاني جي!-->…
پيٽرول 10 رپيا ۽ ڊيزل 13 رپيا سستو،وزيراعظم جي منظوري
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 6 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
راولپنڊي: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين ۾ عمران خان چيو ته هي آئيني عدالت انهي لاءِ ٺاهي رهيا آهن ته هي هاڻ سپريم ڪورٽ!-->…
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
لنڊن : غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف برطانيه ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.لنڊن ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي، فلسطيني حامي مظاهرين غزه جي شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.مظاهرين ٽريفالگر اسڪوائر ۾ علامتي باڊي بيگز رکي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي!-->…