ڪراچي: اڄ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو 24 هون ڏينهن آهي. گذريل رات آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ڪيترن ئي شهرن تي بمباري ڪئي آهي جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو مارجي ويا آهن. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته گيلان، اصفهان، خزيستان ۽ مزنداران جي نجي رهائشي سهولتن تي اسرائيلي جهازن ان نيت سان بمباري ڪئي آهي ته جيئن فوجي ۽ سياسي قيادت کي ختم ڪري سگهجي. آمريڪا ۽ اسرائيل، ايران جي ڊرون ڪمانڊر سميت ڪيترن ئي اهم شخصيتن جي مارجڻ جي دعوا ڪئي آهي. پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل مهر نيوز ايجنسي هڪ نقشو جاري ڪيو، جنهن م عرب ملڪن جي توانائي مرڪزن جي نشاندهي ٿيل هئي، قطر ۾ الجزيره آفيس کي به نشانو بنائڻ جو چتاءَ شامل هو ته آفيس خالي ڪريو پر بعد ۾ اسٽيٽ ميڊيا اهي هٽائي ڇڏيا.
تبصرے بند ہیں۔