براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

ڪچي ۾ آپريشن 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 9 زخمي، اهلڪار آزاد

ڪشمور: سنڌ رينجرز ۽ پوليس ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل ڀيو گينگ خلاف ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي آزاد ڪرائي ورتو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اغوا ڪار ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا. رينجرز جي ترجمان ٻڌايو ته…

سنڌ جي وڏي وزير سان ترڪي ۽ بنگلاديشي سفارتڪارن جي ملاقات، سرمائيڪاري تي اتفاق

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترڪي ۽ بنگلاديش جي سفارتڪارن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سرمائيڪاري ۽ گڏيل واپار تي اتفاق ڪيو ويو. ترڪي جي نئين قونصل جنرل ارگل ڪدڪ جي سنڌ پهچڻ تي ڀليڪار چوندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته…

سون جي زيورن واري ڪاروبار ۾ وڏي پيماني تي ٽيڪس چوري: ايف بي آر سموري ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر ۽ صلاحيت کان گهٽ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي خلاف سموري ملڪ ۾ ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ايف بي آر اختيارين موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملتان ۾ سونارن کي نوٽيس…

برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا کان پوءِ پرتگال به فلسطين کي رياست طور مڃڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن: برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا کان پوءِ هاڻ پرتگال به فلسطين کي رياست جي طور تي مڃڻ جو باضابطه اعلان ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جنگبندي سميت ٻيون شرطون پوريون نه ڪيون آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب برطانيه جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سماجي…

سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جون آئيني درخواستون اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جون آئيني درخواستون اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواستن تي اعتراض لڳائي ڇڏيا آهن. لڳايل اعتراضن موجب درخواستگذار واضح ناهي ڪيو ته درخواستن ۾…

زراعت، آءِ ٽي، معدنيات سميت ٻين شعبن ۾ ٻاهرين ملڪن کان سرمائيڪاري اچي سگهي ٿي: وزيراعظم

لنڊن: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، ٽورازم ۽ توانائي اهم شعبا آهن جن ۾ باهرين ملڪن کان سرمائيڪاري اچي سگهي ٿي لنڊن مان زوم تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي حوالي سان اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين کي…

پاڪستان کان جڏهن ويس ته مان فٽ هئس: ارشد نديم

لاهور : ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ جاپان کان وطن واپس اچي ويو، ارشد نديم ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن مان پاڪستان کان ويس ته مان فٽ هوس، هن چيو ته مون جيترو ٿي سگهيو ڪوشش ڪئي، انجري راندين جو حصو…

يورپ جي هوائي اڏن تي سائبر حملا، فلائيٽ شيڊول متاثر

لنڊن: لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ سميت يورپ جي ڪيترن ئي هوائي اڏا سائبر حملن سبب متاثر ٿيا آهن. انهن هوائي اڏن تي مسافرن جي اليڪٽرانڪ چيڪ ان ۽ بيگيج ڊليوري جون سروسز متاثر ٿيون آهن. هيٿرو هوائي اڏي جي انتظاميا مسافرن لاءِ جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾…

سوشل ميڊيا تي پئسن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) سوشل ميڊيا تي پئسن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي پئسن جي نمائش ڪندڙ لکين ماڻهن جو ڊيٽا جمع ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ ايف بي آر هڪ لک امير ماڻهن…

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد

غزه :غزه تي اسرائيلي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، اسرائيلي فوج خان يونس ۾ بي گهر فلسطينين جي خيمن تي به بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٻار شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج غزه شهر جي…